سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سان زراعت سخت متاثر آهي: اسماعيل راهو

سنڌ جي زراعت واري وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته صوبي ۾ پاڻي کوٽ سان زراعت سخت متاثر آهي.

پنهنجي بيان ۾ اسماعيل راهو چيو ته عمران خان جي حڪومت اقتدار ۾ اچي ادارن کي يرغمال بڻايو، نيب، ايف آءِ اي ۽ ارسا کي يرغمال بڻايو ويو آهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ چانورن جو فصل پوکيو ويندو آهي، هن سال 17 لک 90 هزار ايڪڙن تي چانورن جو فصل لڳندو، ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڪپهه جو فصل به لڳايو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪپهه جو فصل لڳائڻ جي سيزن پڄاڻي تي آهي، پاڻي کوٽ سبب ڪپهه جي فصل کي بچائڻ ڏکيو ٿي رهيو آهي، پاڻي کوٽ سبب هن سال رڳو هڪ لک 99 هزار ايڪڙن تي ڪمند پوکي سگهياسين.

Read Previous

پيءَ جو لاڏاڻو ڪورونا سبب ٿيو هو: سارا خان جو انڪشاف

Read Next

خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب گوڙ پيا ڪن ته بلوچستان کي وڌيڪ پئسو ڏنو ويو: وزيراعظم

Most Popular