
قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي مداحن کي ٽڪ ٽڪ تي فالو ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.
حسن علي انسٽاگرام اڪائونٽ تان مداحن لاءِ اسٽوري ۾ ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ جي لنڪ شيئر ڪئي ۽ چيو ته مون کي ٽڪ ٽاڪ تي فالو ڪيو.
واضح رهي ته حسن علي 2018 ۾ ٽڪ ٽاڪ جوائن ڪيو هو، جتي هن جا 1.8 ملين کان وڌيڪ فالوئر آهن ۽ سندس سڀني ويڊيوز تي هيل تائين 15.9 ملين لائيڪ اچي چڪا آهن.