حڪومت شهباز شريف جي ٻاهرين ملڪ روانگي خلاف درخواست واپس وٺي ڇڏي

حڪومت ن ليگ صدر شهباز شريف کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل واپس وٺي ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجازالاحسن جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ خلاف حڪومتي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت جي طلبي تي رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيس جو رڪارڊ پيش ڪيو.

جسٽس اعجازالاحسن چيو ته رڪارڊ موجب هڪ ئي ڏينهن اعتراض ختم ڪري ڪيس ٻڌو ويو، شهباز شريف جو ڪيس سسٽم تحت مقرر ٿيو يا خاص طور تي؟

رجسٽرار چيو ته درخواست اعتراض لاءِ مقرر ٿي هئي ۽ فيصلو ٿيو ته اعتراض تي فيصلو درخواست سان گڏ ئي ٿيندو، جمعي تي 9:30 تي اعتراض لڳو ۽ 11:30 تي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

جسٽس اعجازالاحسن چيو ته حڪومتي وڪيل کي هدايتون وٺڻ لاءِ رڳو 30 منٽ ڏنا ويا، هڪ سال ۾ ڪيترن ڪيسن جي جمعي تي 12 وڳي ٻڌڻي ٿي؟ ٻڌايو وڃي ڪيترن ڪيسن ۾ هڪ طرفو رليف ڏنو ويو؟ لاهور هاءِ ڪورٽ اهو به نه پڇيو ته شهباز شريف جو نالو ڪهڙي لسٽ ۾ آهي، ڇا ائين عام حڪم جاري ڪري سگهي ٿو جيئن لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيو؟

Read Previous

ڊيئينل پرل ڪيس: جوابدارن جي شڪايت تي سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري

Read Next

اسلامو فوبيا سبب دنيا کي اسلام جي حقيقت کان پري ڪيو پيو وڃي: وزيراعظم

Most Popular