ڊيئينل پرل ڪيس: جوابدارن جي شڪايت تي سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ ڊينيئل پرل ڪيس ۾ جوابدارن جي شڪايت تي سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڊينيئل پرل قتل ڪيس جي جوابدارن جي نظربندي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جوابدارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سلمان ثاقب ۽ ٻين جوابدارن مون کي شڪايتي خط موڪليو آهي، جوابدارن جو چوڻ آهي ته کين اپارٽمينٽ ۾ طبي ۽ ٻيون سهولتون فراهم نه پيون ڪيون وڃن.

جوابدارن جي وڪيل جي شڪايت تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جوابدارن جي شڪايت تي سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون.

ان موقعي تي سرڪاري وڪيل جوابدار عمر شيخ جي گهرواري ۽ پٽ سان گڏ ٻين مائٽن سان ملاقات ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي.

پوءِ عدالت سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته وفاق جي اپيل تي به ڌرين کي جاري ڪري ڇڏيا ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

سڪرنڊ: سَسُ کي ڪھاڙين جا وار ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو

Read Next

حڪومت شهباز شريف جي ٻاهرين ملڪ روانگي خلاف درخواست واپس وٺي ڇڏي

Most Popular