اسلامو فوبيا سبب دنيا کي اسلام جي حقيقت کان پري ڪيو پيو وڃي: وزيراعظم

PRIME MINISTER IMRAN KHAN AND PRESIDENT OF TAJIKISTAN, H.E EMOMALI RAHMON ADDRESSING AT THE JOINT PRESS STAKEOUT IN ISLAMABAD ON JUNE 02, 2021.

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا کي اسلامو فوبيا سبب اسلام جي حقيقت کان پري رکيو پيو وڃي.

تاجڪستان جي صدر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته امام علي رحمان کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چوان ٿو، ٻنهي ملڪن ۾ واپار وڏي اهميت رکي ٿو، واپار جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن ۾ رابطا مضبوط ٿيندا.

هن چيو ته تاجڪ صدر سان تعليم ۽ دفاع جي شعبي ۾ به معاهدا ڪيا آهن، ٻئي ملڪ ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن، افغانستان ۾ سياسي عدم استحڪام سان پاڪستان ۽ تاجڪستان متاثر ٿيا آهن، ٻنهي ملڪن لاءِ پرامن افغانستان ضروري آهي، چاهيون ٿا افغانستان ۾ اهڙي حڪومت هجي، جيڪا ڏڦيڙ روڪي سگهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيستائين ڀارت 5 آگسٽ جا قدم واپس نٿو وٺي حالتون بهتر نه ٿينديون، اهڙي صورتحال ۾ ڀارت سان واپار ڪرڻ ڪشميرين سان غداري هوندي، پاڪستان پنهنجي اسٽريٽيجڪ پوزيشن جي لحاظ سان اهڙي جاءِ تي آهي جو سڄي خطي کي جوڙي سگهي ٿو پر ان جو دارومدار ڀارت تي آهي، جيستائين اهو پوئتي نٿو هڻي سڀ ڪجهه اتي جو اتي ئي رهندو.

وزيراعظم چيو ته اسلام کي دهشتگردي سان جوڙيو ويندو آهي، اسلامو فوبيا سبب دنيا کي اسلام جي حقيقت کان پري ڪيو پيو وڃي.

Read Previous

حڪومت شهباز شريف جي ٻاهرين ملڪ روانگي خلاف درخواست واپس وٺي ڇڏي

Read Next

حڪومت ڏهين ۽ ٻارهين جي امتحانن جون تاريخون تبديل ڪري ڇڏيو

Most Popular