ڪورونا وگهي فوت ٿي وڃڻ جي شڪ ۾ ساڙيل عورت زنده گهر موٽي آئي

ڊاڪٽرن طرفان مرده قرار ڏيڻ کان پوءِ مريض جو ساهه واپس اچڻ جا واقعا ته مختلف وقتن تي ٻڌڻ ۾ ايندا آهن پر آخري رسمون ادا ڪرڻ کان پوءِ به ڪو مرحوم واپس اچي وڃي ته اهو ناممڪن آهي.

حقيقت ۾ هڪ اهڙو ئي واقعو ڀارتي شهر آندهرا پرديش ۾ پيش آيو جتي هڪ فيملي ڪورونا وگهي فوت ٿي ويل 75 ساله عورت جون آخري رسمون ادا ڪيون پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ان گهر جي اها عورت زنده سلامت  گهر موٽي آئي. ڀارتي ميڊيا موجب عورت کي ڪورونا هاڪاري اچڻ کان پوءِ ڀارت جي سرڪاري اسپتال ۾ 12 مئي تي داخل ڪرايو ويو هو. 15 مئي تي عورت جو مڙس جڏهن کيس ڏسڻ جي لاءِ اسپتال ويو ته خبر پئي ته ان جي گهر  واري پنهنجي بيڊ تي موجود نه آهي. جڏهن اسپتال انتظاميه کان عورت جي باري ۾ پڇيو ويو ته انهن ٻڌايو ته عورت کي ٻئي وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

Read Previous

جنسي زيادتي جي جوابدار کي نامرد ڪرڻ جو بل منظور

Read Next

سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي وقت کان اڳ ريٽائرمنٽ تي پابندي لاڳو

Most Popular