سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي وقت کان اڳ ريٽائرمنٽ تي پابندي لاڳو

سنڌ ڪابينا صوبائي حڪومت جي ملازمن لاءِ پينشن سڌارن جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جي تحت وقت کان اڳ ريٽائرمنٽ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پينشن بل کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سڌارن تي غور ڪيو ويو.

وڏي وزير جي ترجمان جي جاري ڪيل بيان موجب اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت جي ملازمن جو انگ 4 لک 93 هزار 182 آهي ۽ انهن ملازمن جي ماهوار پگهار لڳ ڀڳ 23 ارب 9 ڪروڙ رپيا آهي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پگهارن کان سواءِ اڳوڻن ملازمن جي پينشن جو بل 13 ارب 30 ڪروڙ رپيا آهي ان ڪري اسان کي پينشن بل گهٽ ڪرڻ لاءِ سڌارا ڪرڻا آهن.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن موجوده طريقيڪار لاڳو رهيو ۽ سڌارا نه ڪيا ويا ته ايندڙ 10 ورهين ۾ پينشن جو بل پگهارن جي بل کان وڌي ويندو.

اجلاس دوران ڪابينا پينشن بل جي حوالي سان مختلف تجويزن تي غور ڪيو ۽ پينشن سڌارن جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي.

منظور ٿيل سڌارن جي موجب صوبي ۾ وقت کان اڳ ريٽائرمنٽ تي پابندي هوندي، ريٽائرمنٽ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 25 سال سروس ۽ 55 سال عمر مقرر ڪئي وئي آهي، ان قدم سان حڪومت تي 4 کرب 33 ارب 30 ڪروڙ رپين جو بار گهٽ ٿي ويندو.

ان کان سواءِ پينشن، آخري ورتل پگهار جي بدران 3 سالن جي پگهار جي حساب سان جوڙي ويندي ۽ ان قدم سان هن حڪومت تي 3 کرب 48 ارب 80 ڪروڙ رپين جو بار گهٽ ٿيندو.

Read Previous

ڪورونا وگهي فوت ٿي وڃڻ جي شڪ ۾ ساڙيل عورت زنده گهر موٽي آئي

Read Next

”پاڻ کي جمهوري سڏرائيندڙ فوج کي حڪومت ڪيرائڻ جو چوندا آهن“

Most Popular