جنسي زيادتي جي جوابدار کي نامرد ڪرڻ جو بل منظور

قومي اسيمبلي ڪميٽي اينٽي ريپ بل 2020، ڪرمنل لا ترميمي بل 2021 ۽ نيب ترميمي بل 2021 منظور ڪري ورتا.

قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين رياض فتيانه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اينٽي ريپ بل 2020 تي بحث ڪيو ويو.

پ پ جي حسين طارق چيو ته موجوده قانونن کي وڌيڪ اثرائتو ڪيو وڃي ته وڌيڪ بهتر هوندو، اينٽي ريپ بابت خاص عدالتون قائم ڪرڻ ڏکيو مرحلو هوندو.

جي يو آءِ (ف) جي عاليا ڪامران به چيو ته اهو صوبائي معاملو آهي، ڪيئن سڄي پاڪستان تي لاڳو ٿيندو، صوبي هاءِ ڪورٽس جي ماتحت آهن، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سان ان تي مشاورت ڇو نه ڪئي وئي.

ڪميٽي 4 جي ڀيٽ ۾ 8 ووٽن سان اينٽي ريپ بل 2020 منظور ڪري ورتو.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 21 هزارن کان وڌي ويو

Read Next

ڪورونا وگهي فوت ٿي وڃڻ جي شڪ ۾ ساڙيل عورت زنده گهر موٽي آئي

Most Popular