ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 21 هزارن کان وڌي ويو

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 92 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن کانپوءِ وبا جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 21 هزارن کان وڌي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 28 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي ۽ وڌيڪ 92 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ وائرس جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جو ڪُل انگ 21 هزار 22 ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثر ٿيندڙن جو ڪُل انگ 9 لک 26 هزار 695 آهي، جن مان 8 لک 52 هزار 574 صحتياب ٿي چڪا آهن.

Read Previous

عذرا پيچوهو جو ڪورونا صورتحال تي اهم بيان

Read Next

جنسي زيادتي جي جوابدار کي نامرد ڪرڻ جو بل منظور

Most Popular