ريلوي سيفٽي جي خرابين جي گڏيل جاچ ڪئي وڃي: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان ريلوي سيفٽي جي خرابين جي گڏيل جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته گهوٽڪي ۾ اڄ صبح خوفناڪ ٽرين حادثي ۾ مسافر فوت ٿيا، جنهن تي ڏکارو آهيان.

هن ريلوي واري وزير کي حادثي واري هنڌ پهچڻ ۽ زخمين جي طبي امداد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته فوت ٿيندرن جي امداد جون هدايتون به جاري ڪيون آهن.

وزيراعظم چيو ته ريلوي سيفٽي جي خرابين جي گڏيل جاچ ڪئي وڃي.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 3.02 سيڪڙو وڃي بچي

Read Next

سعد رفيق جي ڏوهن تي اعظم سواتي استعيفيٰ ڇو ڏئي؟ فواد چوڌري

Most Popular