سعد رفيق جي ڏوهن تي اعظم سواتي استعيفيٰ ڇو ڏئي؟ فواد چوڌري

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري گهوٽڪي ٽرين حادثي ۾ ريلوي وزير اعظم سواتي جي استعيفيٰ جي مطالبي کي بي تڪو قرار ڏئي ڇڏيو.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته وزير ڇا ٿو ڪري سگهي، خامين جي نشاهدي ۽ ان جو حل ٻڌائي سگهي ٿو، وزير جي هدايتن تي عمل کانپوءِ حادثو ٿيندو ته ذميوار به اهو ئي هوندو.

هن چيو ته سعد رفيق جي ڏوهن تي اعظم سواتي استعيفيٰ ڏئي، اها بي تڪي ڳالهه آهي، گذريل حڪومتن جي غلط پاليسين سبب ڏکيائيون آهن، اهي ماڻهو ايڏا سال حڪمران رهيا، انهن ڇا ڪيو؟

سندس چوڻ هو ايم ايل ون منصوبو مڪمل ٿيندو ته حادثي گهٽجندا، حادثي جي سببن تي تڪڙ ۾ ڪو بيان نٿو ڏئي سگهجي، شروعاتي طور جاچ ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

ريلوي سيفٽي جي خرابين جي گڏيل جاچ ڪئي وڃي: وزيراعظم

Read Next

”معيشت درست ڪرڻي آهي ته عمران خان جهڙن تجربن کان بچڻو پوندو“

Most Popular