”معيشت درست ڪرڻي آهي ته عمران خان جهڙن تجربن کان بچڻو پوندو“

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪي معيشت کي درست ڪرڻو آهي ته اڳتي عمران خان جهرڻ تجربن کان بچڻو پوندو.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ اقتدار ۾ اچي ماڻهن کان روزگار کسي ڇڏيو، هن 20 ڪروڙ عوام کي مهانگائي حوالي ڪري پنهنجي چند سيڙپڪار دوستن لاءِ معاشي پاليسيون ٺاهيون.

سندس موجب پي ٽي آءِ جي معاشي پاليسين سبب ملڪ ۾ امير وڌيڪ امير ۽ غريب وڌيڪ غريب ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن ملڪي معيشت کي درست ڪرڻو آهي ته اڳتي عمران خان جهڙن تجربن کان ملڪ کي بچائڻو پوندو.

Read Previous

سعد رفيق جي ڏوهن تي اعظم سواتي استعيفيٰ ڇو ڏئي؟ فواد چوڌري

Read Next

افغان فورسز ناڪام، طالبان هڪ ٻئي ضلعي جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو

Most Popular