سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني برداشت نه ڪنداسين، ڦٽڻ تي لوڻ ٻُرڪڻ ڪو وفاق کان سکي: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ٺاهي وئي ته سخت مزاحمت ڪنداسين. ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ ڪو وفاقي حڪومت کان سکي.

رپورٽ موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ سان ناانصافين جو ازالو ڪيو وڃي. هلندڙ مهيني وزيراعظم کي 6 صفحن تي ٻڌل خط لکيو جنهن ۾ ناانصافين جو ذڪر ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٻه پاڪستان نه ٺاهيو. سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ٺاهي وئي ته مزاحمت ڪنداسين.  سنڌ سان ناانصافين تي وزيراعظم کي خط لکيو پر ڪجهه به نه ٿيو. ائين لڳي  پيو ته ٻوڙن ماڻهن سان ڳالهائي رهيو آهيان.

مراد علي شاهه چيو ته هي چون ٿا ته وفاق جي پئسن تي سنڌ کي حڪمراني ڪرڻ نه ڏينداسين. ملڪ جو 70 سيڪڙو پئسو سنڌ مان وڃي ٿو. سنڌ جي ماڻهن سان ان لاءِ ناانصافي ٿي رهي آهي ته هتان جي ماڻهن تحريڪ انصاف کي ووٽ نه ڏنا. ڇا اوهان چور ڌاڙيل چئي 5 سال گذاريندو؟ ڪم نه ڪندو. هن چيو ته وفاق طرفان اسان جا خدشا ختم ناهن ڪيا ويا. پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ترقياتي ڪمن تي  خوشي ٿي آهي. وفاق 7 مان 15 ارب روپين جا  ترقياتي فنڊز وڌايا آهن.

مراد علي شاهه چيو ته وفاق پنجاب جي لاءِ سنڌ کان وڌيڪ فنڊ ڏنا. ڪراچي، حيدرآباد موٽر وي جي معاملي تي سڀني کي خبر آهي. پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن اسان کي به ترقياتي ڪمن لاءِ 25 سيڪڙو حصو ڏيو. هن چيو ته نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل  جا 3 ميمبر هوندا آهن ۽ آئين موجب سموري ملڪ مان 13 ماڻهو هوندا آهن. جنهن جا سال ۾ 2 اجلاس ٿيندا آهن پر اهي وقت تي ناهن ٿيندا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي لاهور موٽر وي ٺهڻو هو پر لاهور کان سکر تائين موٽر وي ٺاهي اويا. روڊ نيٽ ورڪ بهتر هوندو آهي ته معيشت ۾ بهتري ايندي آهي.

Read Previous

راکي ساونت چِتائي ڏسندڙ واٽهڙو تي ڏمرجي پئي

Read Next

آءِ ايم ايف پاران بجلي ۽ گيس مهانگو ڪرڻ جو دٻاءُ: شوڪت ترين مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Most Popular