پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ بجيٽ تياري تي ڳالهيون ڊيڊ لاڪ جو شڪار آهن. آءِ ايم ايف پاران بجلي، گيس مهانگي ڪرڻ ۽ 200 ارب روپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو زور وٺي ويو.
آءِ ايم ايف پاران بجلي ۽ گيس مهانگي ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان مٿان دٻاءُ. ناڻي واري وزير شوڪت ترين آءِ ايم ايف جا مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪندي متبادل پلان ڏئي ڇڏيو. آءِ ايم ايف ۽ ناڻي واري وزارت ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. ٽيڪس ٽارگيٽ، بجلي ۽ گيس جي قيمتن تي اڃان تائين اتفاق نه ٿي سگهيو. بجيٽ ۾ ڪيترن ئي شعبن کي ڏنل ٽيڪس ڇوٽ جي خاتمي تي به اتفاق نه ٿي سگهيو.
حڪومت ڪيترن ئي شعبن کي ڏنل مڪمل ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي شرط مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ايف بي آر ايندڙ بجيٽ ۾ ڪجهه شعبن کي ڏنل کلي ڇوٽ ختم ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.