لاهور هاءِ ڪورٽ ايف بي آر کي جهانگير ترين شوگرملز جي آڊٽ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ ايف بي آر کي جهانگير ترين جي شوگرملز جي ڊي ڊبليو جي آڊٽ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. هاءِ ڪورٽ ۾ جهانگير ترين جي شوگرملز جي ڊي ڊبليو جو آڊٽ ڪرڻ جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

عدالت حڪم امتناع جاري ڪندي نوٽيس تي عمل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ايف بي آر کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو. آهي. جي ڊي ڊبليو درخواست ۾ ايف بي آر سميت ٻين کي ڌر بنائيندي چيو آهي ته ايف بي آر 21 مئي تي آڊٽ ڪرڻ جو نوٽيس اماڻيو ۽ انڪم ٽيڪس بابت دستاويزارت ۽ رڪارڊ گهريو پر ايف بي آر کي پنج سال گذرڻ کان پوءِ آڊٽ ڪرڻ جو اختيار نه آهي.

2015  جو ٽيڪس آڊٽ ڪرڻ جو قانوني عرصو گذري چڪو آهي. ان ڪري آڊٽ نوٽيس غيرقانوني طور تي اماڻيو ويو آهي جنهن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ ايف بي آر کي ڪارروائي کان روڪيو وڃي.

Read Previous

وسيم اختر سميت ست ايم ڪيو ايم اڳواڻ چڙ ڏياريندڙ تقريرن واري ڪيسن مان بري

Read Next

عمران سان دوستي پنج سال اڳ فيس بڪ تي ٿي، مان هن کان پنج سال وڏي آهيان: جيا علي

Most Popular