عمران سان دوستي پنج سال اڳ فيس بڪ تي ٿي، مان هن کان پنج سال وڏي آهيان: جيا علي

تازو ئي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويل پاڪستان جي مشهور ماڊل ۽ اداڪاره جيا علي پنهنجي مڙس جي حوالي سان ڪجهه حقيقتون ٻڌايون آهن.

ويجهڙ ۾ شادي ڪندڙ جوڙي خانگي ٽي وي چينل جي هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪندي پنهنجي پهرين ملاقات جي حوالي سان ٻڌايو جنهن ۾ جيا علي چيو ته منهنجي عمران سان دوستي فيس بڪ جي ذريعي ٿي. هن ٻڌايو ته منهنجي عمران سان پهرين ملاقات ان وقت ٿي جڏهن هو ڪراچي خاص طور تي منهنجي گهر رشتو کڻي آيو هو انتهائي سچو آهي جنهن سبب  هو مون کي پسند آيو.

جڏهن ته عمران جو جيا جي خصوصيتن جي حوالي سان چوڻ هو ته ان ۾ ڪابه وڏائي نه آهي جيا تمام گهڻي خوبصورت ۽ معصوم آهي. جيا علي مداحن کي مخاطب ٿيندي چيو ته منهنجي عمر 48 سال آهي ۽ عمران کان 5 سال وڏي آهيان جنهن سان منهنجي گهر ڀاتين کي ڪوبه مسئلو نه آهي. مهرباني ڪري اوهان به اهڙي قسم جو ڪوبه مسئلو نه ٺاهيو.

Read Previous

لاهور هاءِ ڪورٽ ايف بي آر کي جهانگير ترين شوگرملز جي آڊٽ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

Read Next

مڪمل فٽ آهيان، سئو سيڪڙو پرفارم ڪرڻ لاءِ تياري مڪمل آهي: نسيم شاهه

Most Popular