وفاقي حڪومت بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت خبردار ڪري ڇڏيو

توانائي بابت وفاقي وزير حماد اظهر خبردار ڪيو آهي ته بجلي چوري وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ وڌي سگهي ٿي.

ٽوئيٽر تي اڄ صبح جاري ڪيل بيان ۾ حماد اظهر چيو ته گذريل 48 ڪلاڪن ۾ سسٽم ۾ 1500 ميگا واٽ بجلي شامل ڪئي ۽ سسٽم ۾ اڄ وڌيڪ بجلي شامل ڪئي ويندي.

هن ٻڌايو ته گذريل 12 ڪلاڪن دوران ڪٿي به لوڊشيڊنگ نه ڪئي وئي پر بجلي چوري وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ وڌي سگهي ٿي، جڏهن ته مقامي سطح تي پهچ نظام ۾ بريڪ ڊائون تي به بجلي معطل ٿي سگهي ٿي.

سندس چوڻ هو ته بجلي ورهائيندڙ سڀني ڪمپنين ۾ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ٻڙي آهي پر جن علائقن ۾ بجلي بندش آهي، اتي سبب عدم ادائيگي آهي ۽ سسٽم ۾ ٽيڪنيڪي مسئلن سبب بجلي بندش کي منهن ڏئي سگهجي ٿو.

Read Previous

وفاقي بجيٽ پيش، پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 20 هزار رپيا مقرر

Read Next

جهانگير ۽ علي ترين جي ڪيس ۾ گرفتاري جي ضرورت ناهي: ايف آءِ اي

Most Popular