جهانگير ۽ علي ترين جي ڪيس ۾ گرفتاري جي ضرورت ناهي: ايف آءِ اي

ايف آءِ اي جاچ آفيسر جهانگير ترين ۽ علي ترين ڪيس ۾ عدالت کي آگاهه ڪيو آهي ته هن مرحلي تي گرفتاري جي ضرورت ناهي.

جهانگير ترين ۽ علي ترين عبوري ضمانت مڪمل ٿيڻ تي سيشن ۽ بئنڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا.

سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جاچ آفيسر چيو ته اسان رڪارڊ جو جائزو وٺي رهيا آهيون، هن مرحلي تي گرفتاري گهربل ناهي، تنهنڪري جوابدارن جي گرفتاري جي ضرورت ناهي.

بئنڪنگ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جهانگير ترين جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته اڪائونٽ ۾ پئسا ڪٿان ۽ ڪيئن آيا سڀ تفصيل آهن، شيئر هولڊر جي اجازت سان ڪمپني ڪم ڪندي آهي، اهو ڪيس ايف آءِ اي جي اختيارن جي دائري ۾ نٿو اچي پر ڪيس ايس اي سي پي جو هو.

ان موقعي تي ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر چيو ته اسان بنيادي حقن تي يقين رکون ٿا، جهانگير ترين ۽ علي ترين جي ان ڪيس ۾ گرفتاري جي ضرورت ناهي، ڪنهن به ڪارروائي کان اڳ آگاهه ڪنداسين.

Read Previous

وفاقي حڪومت بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت خبردار ڪري ڇڏيو

Read Next

بجيٽ کانپوءِ ملڪ ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار تيز ٿي ويندي: وزيراعظم

Most Popular