موبائل فون ڪالز، انٽرنيٽ ڊيٽا، ايس ايم ايس تي ٽيڪس نه لڳندو: شوڪت ترين

ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته موبائل فون ڪالز، انٽرنيٽ ڊيٽا ۽ ايس ايم ايس تي ٽيڪس لڳائڻ جي وزيراعظم ۽ ڪابينا مخالفت ڪئي، جنهن کانپوءِ انهن سڀني تي ٽيڪس لاڳو نه ٿيندو.

اسلام آباد ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته اسان ڪالهه گروٿ بجيٽ پيش ڪئي ۽ اسان جو چئلينج گروٿ کي مستحڪم ڪرڻ آهي، برآمدون وڌائي اسان کي ڊالر ڪمائڻا آهن، ايندڙ مالي سال 500 ارب رپيا واڌو ٽيڪس جمع ڪنداسين، جڏهن ته بجلي ۽ گئس جي بلن ذريعي نان فائلر تائين پهچي ويندا.

هن چيو ته وڏن ريٽيلرز جي 1500 اربن جي سيل آهي، سڀني وڏن اسٽورن تي سيلز ٽيڪس لڳائڻو آهي، واهپيدار پڪي پرچي وٺندا ته انعام ڏينداسين، ترڪي ۽ ٻين ملڪن ۾ اهڙيون ڪامياب اسڪيمون آيون.

سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ 70 سالن کان غريب کي قرض نه مليو ۽ تربيت نه ملي، 70 سالن کان ننڍي آبادگار کي ڪجهه نه مليو، ڪمرشل بئنڪن مان ننڍين فلاحي بئنڪن کي قرض ڏينداسين، پهرين مرحلي ۾ 40 لک ماڻهن کي روزگار ڏينداسين ۽ ننڍي آبادگار کي ڏيڍ لک رپيا ڏينداسين، جڏهن ته بئنڪن کي ننڍي آبادگار ۽ غريبن جون لسٽون به ڏينداسين، پنهنجي ڇِت لاءِ 20 لک رپين تائين قرض ڏينداسين ۽ غريب آبادگار کي 5 لک رپين تائين قرض ڏينداسين.

ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان فوڊ ڊيفيسٽ ملڪ بڻجي چڪو آهي، اسان جيڪي شيون ايڪسپورٽ ڪندا هئاسين هاڻ اهي امپورٽ ڪري رهيا آهيون، اسان داليون، ڪڻڪ ۽ کنڊ به امپورٽ ڪري رهيا آهيون، اسان پنهنجي فصلن تي ڌيان نه ڏنو، هاڻ ڌيان ڏينداسين.

Read Previous

سعودي عرب ۾ هن سال به رڳو مقامي ماڻهو حج ادا ڪندا

Read Next

سنڌ ايڪشن ڪميٽي اجلاس، بحريا ٽائون خلاف جدوجهد اڳتي وڌائڻ جو فيصلو

Most Popular