سنڌ ايڪشن ڪميٽي اجلاس، بحريا ٽائون خلاف جدوجهد اڳتي وڌائڻ جو فيصلو

سنڌ ايڪشن ڪميٽي بحريا ٽائون خلاف جدوجهد اڳتي وڌائيندي عوامي رابطا مهم لاءِ جلسن جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو سربراھي اجلاس جامشوري ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد جلال محمود شاھه جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾

ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، عوامي تحريڪ صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، جسم چيئرمين رياض چانڊيو، عوامي جمھوري پارٽي صدر ڪرم علي وساڻ، جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين اسلم خيرپوري، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي صدر مسرور شاهه، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي اڳواڻ نواز خان زنئور ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ بحريا ٽائون اڳيان ڌرڻي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ سنڌ جي عوام کي خراج پيش ڪندي چيو ويو ته سنڌي پنھنجي قومي وسيلن ۽ ڌرتي جي تحفظ لاءِ ھر وقت سجاڳ آھن پر پ پ ويساهه گھاتي ڪندي ميگا پراجيڪٽس جي نالي ۾ ڌرتي تي قبضو ڪندڙن کي تحفظ فراھم ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪري رھي آھي.

اڳواڻن چيو ته اسان کي ڀڃ ڊاهه ۽ نقصان تي افسوس آهي، سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت ۽ بحريا انتظاميا ان ۾ ملوث آھي، پ پ سرڪار قومي ڪارڪنن خلاف آپريشن ڪري جدوجھد کي دٻائڻ چاھي ٿي، گرفتارين جي مذمت ڪيون ٿا ۽ سهائتا لاءِ وڪيل برادري جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، اسان انهن جا ٿورا مڃون ٿا.

Read Previous

موبائل فون ڪالز، انٽرنيٽ ڊيٽا، ايس ايم ايس تي ٽيڪس نه لڳندو: شوڪت ترين

Read Next

سنڌ حڪومت جو واپار 2 ڏينهن بدران هڪ ڏينهن بند رکڻ جو فيصلو

Most Popular