سعودي عرب ۾ هن سال به رڳو مقامي ماڻهو حج ادا ڪندا

سعودي عرب هن سال به حج لاءِ پانڌيئڙن جو انگ محدود رکڻ جو فيصلو ڪندي اعلان ڪيو آهي ته ٻاهرين ملڪن مان ايندڙن کي حج جي اجازت نه ڏيندي، رڳو مقامي ماڻهو ئي حج ادا ڪري سگهندا.

سعودي ميڊيا موجب حج ۽ عمري واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته وبا سبب هن سال رڳو 60 هزار ماڻهن کي حج جي سعادت حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي ۽ رڳو سعودي عرب ۾ رهندڙ ئي حج ادا ڪري سگهندا.

وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ رهندڙ ڪورونا ويڪسين لڳرائيندڙ صحتمند ۽ ڪنهن مستقل بيماري ۾ مبتلا نه هوندڙ 18 کان 65 سالن جي عمر جي ماڻهن کي حج جي اجازت هوندي، 14 ڏينهن اڳ ويڪسين جو هڪ ٽُڪو لڳرائيندڙ کي به حج جي اجازت هوندي.

Read Previous

ايم ڪيو ايم وارا لساني جهيڙن ذريعي وري امن تباهه ڪرڻ چاهين ٿا: پ پ

Read Next

موبائل فون ڪالز، انٽرنيٽ ڊيٽا، ايس ايم ايس تي ٽيڪس نه لڳندو: شوڪت ترين

Most Popular