سنڌ حڪومت جو واپار 2 ڏينهن بدران هڪ ڏينهن بند رکڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت صوبي ۾ ٻه ڏينهن لاڪ ڊائون ختم ڪري رڳو هڪ ڏينهن جي موڪل جو فيصلو ڪري ورتو.

ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا وائرس ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اين سي او سي جي فيصلي موجب سنڌ ۾ هفتي جي ٻن ڏينهن بدران هڪ ڏينهن واپار بند ڪيو ويندو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هاڻ آچر جي ڏينهن واپار بند رهندو ۽ باقي ڏينهن ۾ واپاري سرگرميون جاري رهنديون.

اجلاس ۾ ڪورونا جي گڏيل صورتحال ۽ ويڪسينيشن جي عمل بابت معاملي تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.

شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته هن وقت تائين 30 لک 35 هزار 998 ڪوويڊ ويڪسين جا ڊوز ملي چڪا آهن، جنهن مان 24 لک 66 هزار 458 ڊوز استعمال ڪري چڪا آهيون.

Read Previous

سنڌ ايڪشن ڪميٽي اجلاس، بحريا ٽائون خلاف جدوجهد اڳتي وڌائڻ جو فيصلو

Read Next

”پاڪستان ڪامياب حڪمت عملي سان معاشي سفر طئي ڪيو“

Most Popular