ايف آءِ اي شهباز شريف کي کنڊ اسڪينڊل ۾ طلب ڪري ورتو

وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) لاهور کنڊ اسڪينڊل ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي 22 جون تي طلب ڪري ورتو.

ايف آءِ اي جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن شهباز شريف 22 جون تي پيش نه ٿيو ته ان کي گرفتار به ڪري سگهجي ٿو.

نوٽيس ۾ شهباز شريف کي مخاطب ڪندي چيو ويو آهي ته توهان کي رمضان شوگر ملز ۾ ننڍن ملازمن جي کاتن ۾ ويندڙ 25 ارب رپين جا جواب ڏيڻا آهن، ڇا توهان کي رمضان، العربيه شوگر ملز ۽ ٻين جعلي اڪائونٽس ۾ موڪليل ۽ ڪڍيل 25 ارب رپين جو علم آهي.

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته توهان کي ٻه ڀيرا سوال نامو موڪليو ويو، توهان جواب نه ڏنو، جنوري 2021 ۾ توهان کي ٻيهر ياد ڏياريو ويو ته توهان چيو عطا تارڙ جواب جمع ڪرائيندو پر جواب جمع نه ٿيا.

Read Previous

نيب مسئلو نه پر مسئلن جو حل آهي: جاويد اقبال

Read Next

عورتن کي محرم کان سواءِ حج جي درخواست ڏيڻ جي اجازت ملي وئي

Most Popular