عورتن کي محرم کان سواءِ حج جي درخواست ڏيڻ جي اجازت ملي وئي

سعودي عرب جي حج واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته عورتون هاڻ محرم کان سواءِ به حج لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿيون.

عرب ميڊيا موجب سعودي جي حج واري وزارت جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال حاجين جي لاءِ ٽن پيڪيجز کي منظور ڪيو ويو آهي جنهن مان هڪ عورتن جي لاءِ آهي.

حج واري وزارت جو چوڻ آهي ته حج جي خواهش رکندڙ عورتون هاڻ انفرادي طور تي به پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿيون جنهن جي لاءِ هنن کي منهن مرد ساٿي محرم جي ضرورت نه هوندي ۽ اُهي عورتون ٻين عورتن سان گڏ رجسٽريشن جي درخواستون ڏئي سگهن ٿيون.

Read Previous

ايف آءِ اي شهباز شريف کي کنڊ اسڪينڊل ۾ طلب ڪري ورتو

Read Next

آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپن شپ جي فاتح ۽ رنر اپ ٽيم لاءِ انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular