نيب مسئلو نه پر مسئلن جو حل آهي: جاويد اقبال

نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۽ نيب گڏ هلي رهيا آهن پر ڪرپشن ۽ نيب گڏ نٿا هلي سگهن، ماڻهن کي حقيقت جي خبر ئي ناهي هوندي ۽ تقرير شروع ڪري ڇڏيندا آهن، نيب مسئلو نه پر مسئلن جو حل آهي.

لاهور ۾ تقريب سان خطاب ڪندي جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته نيب عوام جي خدمت لاءِ ٺاهيو ويو آهي، تعمير لاءِ تنقيد ٿيڻ گهرجي، هڪ صاحب عدالت ۾ پيشيون ڀوڳيندو آهي ۽ وري ميڊيا تي تقرير ڪرڻ بيهندو آهي، پاڪستان ۾ ڪيترا ماڻهو اهڙا به آهن، جن موٽر سائيڪل تان سڌو جهاز تي ٽپو ڏنو.

هن چيو ته نيب 3 سالن ۾ 533 ارب رپيا ريڪور ڪيا، نيب مسئلو نه پر مسئلن جو حل آهي، ان شارڪ مڇين ۽ واڳن کي پڪڙيو، ننڍيون مڇيون ڄار مان نڪري وينديون آهن، ڪجهه ماڻهو 30، 35 سال اقتدار ۾ رهيا، جڏهن ته ڪجهه کي اڃا رڳو 30، 35 مهينا ٿيا آهن.

Read Previous

وفاقي حڪومت سنڌ ۾ ريلوي زمينون کپائڻ جا منصوبا جوڙي رهي آهي: سپريم ڪورٽ

Read Next

ايف آءِ اي شهباز شريف کي کنڊ اسڪينڊل ۾ طلب ڪري ورتو

Most Popular