ڪي اليڪٽرڪ جي محمود آباد گرڊ اسٽيشن غير قانوني قرار

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ محمود آباد ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي گرڊ اسٽيشن کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ گرين بيلٽ تي قائم گرڊ اسٽيشن خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پي اي سي ايڇ ايس فيز 6 محمود آباد ۾ 10 ايڪڙ گرين بيلٽ لاءِ مختص آهي پر پي اي سي ايڇ ايس سوسائٽي گرين بيلٽ ڪي اليڪٽرڪ کي ڏئي ڇڏي، گرين بيلٽ جو پي اي سي ايڇ ايس سوسائٽي سان ڪو واسطو ناهي ۽ اها ڪي ايم سي جي ملڪيت آهي.

عدالت درخواستگذارن جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ محمود آباد ڪي اليڪٽرڪ گرڊ اسٽيشن کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي گرين بيلٽ تي قائم گرڊ اسٽيشن ٻن مهينن ۾ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

Read Previous

بجيٽ غريب سان مذاق آهي، منظور ٿيڻ نه ڏينداسين: شهباز شريف

Read Next

چونڊن ۾ ڌانڌلي روڪڻ لاءِ اي ووٽنگ اڪيلو آپشن آهي: وزيراعظم

Most Popular