چونڊن ۾ ڌانڌلي روڪڻ لاءِ اي ووٽنگ اڪيلو آپشن آهي: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چونڊ عمل ۾ ڌانڌلي روڪڻ ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال اڪيلو آپشن آهي.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چونڊ عمل ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال تي بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس ۾ چونڊ سڌارن جي حوالي سان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال ۽ قانون سازي تي هن وقت تائين جي اڳڀرائي بابت تفصيلي طور آگاهه ڪيو ويو.

ان موقعي تي وزيراعظم اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي چونڊ عمل ۾ استعمال ۾ شفافيت ۽ سمورا آئيني تقاضا پورا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

هن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ جي چونڊ عمل ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، چونڊ عمل ۾ ڌانڌلي روڪڻ ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال اڪيلو آپشن آهي.

سندس چوڻ هو ته سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن، چونڊ عمل ۾ انهن کي لازمي طور شريڪ بڻائينداسين، چونڊ سڌارن، اليڪٽرڪ ووٽنگ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جي حق جو عمل جلد مڪمل ڪيو وڃي.

Read Previous

ڪي اليڪٽرڪ جي محمود آباد گرڊ اسٽيشن غير قانوني قرار

Read Next

عيد کان اڳ قرباني پيو ڏسان، ننڍي يا وڏي پر قرباني ٿيندي: منظور وساڻ

Most Popular