چونڊ اصلاحن تي صلاح مشوري لاءِ شهباز شريف چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو

پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجه کي خط لکي ڇڏيو آهي.

شهباز شريف پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته 2018 جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي شڪايتن جي حوالي سان چونڊ اصلاحن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايندڙ عام چونڊون آزاد، اڻڌريون، شفاف ۽ ڪنهن جي به مداخلت کان سواءِ منعقد ڪرڻ لاءِ صلاح مشورا ضروري آهن. موجوده حڪومت پنهنجي چونڊ اصلاحاتي ايجنڊا هڪ طرفي قدمن سان مڙهي ايندڙ چونڊن کي تڪراري بنائي رهي آهي. شهباز شريف چيو ته حڪومت جون چونڊ اصلاحون آئين کان تڪراري آهن. حڪومت لاڳاپيل ڌرين سان ڪي به صلاح مشورا نه ڪيا آهن.، اليڪشن ڪميشن تازن اليڪشن بلز تي پاڻ به ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

قومي اسيمبلي ۾ ان اليڪشن بلز کي بلڊوز ڪري منظور ڪرايو ويو. چونڊ اصلاحن ۾ ادارن کي پنهنجي راءِ ڏيڻ کان علاوه ذميواري کڻڻي پوندي ته جيئن آزادانه، شفاف چونڊون يقيني ٿين. خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ذميواري بڻجي ٿي ته چونڊ اصلاحن تي سمورين سياسي پارٽين سان صلاح مشورا ڪري مان اوهان تي زور ڏيان ٿو ته سمورين اپوزيشن پارٽين کي صلاح مشوري جي لاءِ گهرايو ته جيئن اتفاق راءِ تي ٻڌل پلان ٺهي سگهي.

Read Previous

”ڪنهن سان لاڳاپن بدران سنگل رهڻ پسند آهي“

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا اوڻيتاليهه مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، هڪ هزار کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

Most Popular