”ڪنهن سان لاڳاپن بدران سنگل رهڻ پسند آهي“

من موهڻي اداڪارا ڪنزا هاشمي چيو آهي ته منهنجي شادي ۾ اڃا وقت آهي ۽ جڏهن وقت آيو ته ٿي ويندي.

ڪنزا هاشمي هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ شريڪ ٿي، جتي هن ميزبان طرفان مختلف سوالن جا جواب ڏنا.

شادي بابت پنهنجي نظرين تي ڳالهائيندي اداڪارا چيو ته شادي زندگي جو مقصد ناهي، شادي کانپوءِ هڪ نئين زندگي شروع ٿيندي آهي پر اها زندگي ناهي.

هن چيو جڏهن توهان کي لڳي ته توهان کي زندگي ۾ هاڻ ڪنهن پارٽنر جي ضرورت آهي ته توهان کي شادي ڪري ڇڏڻ گهرجي، مون کي ڪنهن سان لاڳاپن بدران سنگل رهڻ پسند آهي، ڇو ته ڪنهن سان لاڳاپا جوڙڻ کانپوءِ انسان آزاد ناهي رهي سگهندو ۽ مان آزادي پسند آهيان.

Read Previous

ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو فاف ڊوپليسي پي ايس ايل کان ٻاهر

Read Next

چونڊ اصلاحن تي صلاح مشوري لاءِ شهباز شريف چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو

Most Popular