ملڪ ۾ ڪورونا اوڻيتاليهه مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، هڪ هزار کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

)ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 39 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون جڏهن ته هڪ هزار کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن. جڏهن ته هن وبا سبب متاثر نون ڪيسز جي شرح 1.90 سيڪڙو تائين  پهچي وئي آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ 54 هزار 6.47 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان هڪ هزار 043 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. اهڙي طرح ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 1.90 سيڪڙو رهي. ملڪ ۾ هينئر تائين ڪورونا جي گڏيل ڪيسز جو انگ 946.227 ٿي وئي آهي جن مان 888.505 مريض شفاياب ٿي چڪا آهن. گذريل ڏينهن هن وبا وڌيڪ 39 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن.

Read Previous

چونڊ اصلاحن تي صلاح مشوري لاءِ شهباز شريف چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو

Read Next

اپوزيشن ڪمزور ٿي چڪي آهي، اسيمبلي ۾ جيڪو ٿيو ان سان جمهوريت کي عزت ناهي ملي: شيخ رشيد

Most Popular