اپوزيشن ڪمزور ٿي چڪي آهي، اسيمبلي ۾ جيڪو ٿيو ان سان جمهوريت کي عزت ناهي ملي: شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن ڪمزور ٿي چڪي آهي ان ۾ هاڻ پهرين جهڙو دم ناهي رهيو.

اسلام آباد ۾ ايگل اسڪواڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته وفاقي پوليس ۾ ڏيڍ سئو جوانن تي ٻڌل ايگل اسڪواڊ جو افتتاح ڪري رهيا آهيون. سورنهن ڪارون به اسڪواڊ ۾ شامل ڪنداسين. اسلام آباد جا ماڻهو ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ پڙهيل لکيل آهن. اسان جو مشن آهي ته اسلام آباد مان ڏوهن جو خاتمو ڪريون. امن امان هوندو ته سرمائيڪاري ٿيندي آهي. ملڪ جو مسئلو اهو آهي ته غريب قانون جي وڪڙ ۾ ايندو آهي پر امير بچي ويندو آهي. پاڪستان ۾ غريب کي ڏسي قانون حرڪت ۾ ايندو آهي، اسان جو مقصد آهي ته طاقتور جي خلاف به ڪارروايون ڪيون وڃن.

شيخ رشيد چيو ته عورتن جي لاءِ مخصوص بازارون ٺاهي رهيا آهيون لئي نالي جي لاءِ 55 ارب روپيه رکيا ويا. ويزا آن لائن ڪيو ويو. هڪ ئي ڏينهن ۾ پاسپورٽ جي سهوليت ملي سگهندي. ملڪ ۾ سياحت کي هٿي ملي رهي آهي.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا اوڻيتاليهه مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، هڪ هزار کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

Read Next

موسميات کاتي پاران اسلام آباد، ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي

Most Popular