موسميات کاتي پاران اسلام آباد، ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي

موسميات کاتي اڄ اسلام آباد، ڏکڻ پنجاب، سنڌ، اتر ۽ اوڀر بلوچستان ۾ برساتن ۾ اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به برسات وسڻ جو امڪان آهي. موسم جو حال ٻڌائيندڙن اڄ ملتان، بهکر، بهاولنگر ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ سکر، لاڙڪاڻو،  ڪراچي، حيدرآباد ۾ به برسات وسڻ جو امڪان آهي.

بلوچستان ۾ زوب، بارکهان، لسبيله  ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب 26 ۽ 26 جون کان باقاعده چوماسي جي تحت پاڪستان ۾ برسات جو امڪان آهي.

Read Previous

اپوزيشن ڪمزور ٿي چڪي آهي، اسيمبلي ۾ جيڪو ٿيو ان سان جمهوريت کي عزت ناهي ملي: شيخ رشيد

Read Next

وزيراعظم جي معاشي ترقي واري دعويٰ ۽ بجيٽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي: بلاول ڀتو

Most Popular