وزيراعظم جي معاشي ترقي واري دعويٰ ۽ بجيٽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي: بلاول ڀتو

 پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي رهيو آهي. عمران خان جي معاشي ترقي واري دعويٰ ۽ بجيٽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي. احساس، احساس چوندڙن کي ڪنهن  جوبه احساس نه آهي. خبردار ڪنهن به نااهل حڪومت جي لاءِ رياست مدينه جو لفظ استعمال ڪيو. هي سمجهندا هئا ته تماشو ڪري 4 سيڪڙو گروٿ ثابت ڪنداسين. وزيراعظم جي مرضي موجب تقرير نه ڪندس.

پ پ چيئرمين قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي  چيو ته حڪومت  پاڻ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت اپوزيشن کي ڪرڻي آهي ته حڪومت ڪير هلائيندو.؟ اسپيڪر صاحب! اوهان کي نئون پاڪستان مبارڪ هجي، خبردار جيڪڏهن ڪنهن هن نالائق حڪومت جي لاءِ مديني جي رياست وارو لفظ استعمال  ڪيو. هي سمجهنڊا هئا ته عوام کي خبر نه پوندي. بجيٽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي. عام ماڻهو، هاري، مزدور طبقو، پينشنرز اوهان جي مهانگائي جو عذاب ڀوڳي رهيا آهن. بلاول چيو ته نوڪري ڪندڙ ماڻهو اڄ دوائون به خريد نٿا ڪري سگهن. پاڪستان ۾ مهانگائي افغانستان ۽ بنگلاديش کان به وڌيڪ آهي. مزدور ۽ غريب طبقي کي خبر آهي ته عمران خان جي معاشي ترقي واري دعويٰ ڪوڙي آهي. عوام شايد هن مهانگائي کي معاف به ڪري ڇڏي ها جيڪڏهن هنن کي لاوارث نه ڇڏيو وڃي ها. معاشي ترقي جي حڪومتي دعويٰ ڪوڙي آهي. حڪومت بجيٽ ۾ ان ڊائريڪٽ ٽيڪس جو طوفان پيدا ڪري ڇڏيو آهي. اوهان احتجاج ڪندڙ سرڪاري ملازمن کي به ڌوڪو ڏنو.

Read Previous

موسميات کاتي پاران اسلام آباد، ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي

Read Next

فردوس عاشق اعواڻ رشتو ڪرائيندڙ آنٽي لڳندي آهي: نمره خان

Most Popular