فردوس عاشق اعواڻ رشتو ڪرائيندڙ آنٽي لڳندي آهي: نمره خان

پاڪستاني اداڪاره ۽ ماڊل نمره خان چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ رشتو ڪرائيندڙ آڻٽي لڳندي آهي.

اداڪاره نمره خان خانگي چينل جي هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. جتي هن کان پنهنجي ڪيريئر سميت دلچسپ موضوعن تي ڳالهيون ڪيون ويون. نمره خان انڪشاف ڪيو ته منهنجي  پهرين نوڪري نيوز ايڊيٽر جي هئي، والدين جي خواهش هئي ته مان ڪنهن به طرح ميڊيا جوائن ڪريان، ٻئي طرف تعليم، فلم ۽ ٽيليويزن هئي ته مون نوڪري قبول ڪري ورتي.

هن چيو ته مون کي اداڪاري بابت ٿوري به ڄاڻ نه هئي. ماءُ پيءُ زبردستي اداڪاري ۾ اماڻيو. والدين چاهيو ٿي ته منهنجو نالو ٿئي، ڇو ته انهن کي مون ۾ هڪ چمڪ نظر آئي هئي پر ڪاميابي نه ملي ته اسڪواش کيڏيو. اداڪاره کي ميزبان طرفان نوازشريف، عمران خان ۽ آصف علي زرداري مان ڪنهن هڪ کي چونڊ ڪرڻ جو آپشن ڏنو ويو جنهن تي نمره خان نوازشريف کي پسنديده سياستدان قرار ڏنو.

Read Previous

وزيراعظم جي معاشي ترقي واري دعويٰ ۽ بجيٽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي: بلاول ڀتو

Read Next

انگلينڊ جو دورو: قومي ٽيم جي ڪيل ڪورونا ٽيسٽ جا نتيجا اچي ويا

Most Popular