انگلينڊ جو دورو: قومي ٽيم جي ڪيل ڪورونا ٽيسٽ جا نتيجا اچي ويا

انگلينڊ جي دوري لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ قومي ٽيم جي ڪيل ڪورونا ٽيسٽ جا نتيجا اچي ويا آهن.

پي سي بي موجب پاڪستان ۾ موجود قومي اسڪواڊ ۾ شامل سمورن ميمبرن جا پهرين ڪورونا ٽيسٽ جا نتيجا ناڪاري آيا آهن. قومي اسڪواڊ ۾ شامل ان سمورن ميمبرن جي پهرين ڪورونا 19 ٽيسٽ انهن جي گهرن ۾ ڪئي وئي هئي جنهن کان پوءِ هاڻ هوٽل پهچڻ تي ان سمورن ماڻهن جي ٻئي ڪورونا 19 ٽيسٽ ڪئي ويندي.

3 رانديگرن ۽ ٽيم مينجمينٽ ۾ شامل 8 ميمبر 29 جون تي لاهور جي مقامي هوٽل ۾ رپورٽ ڪندا جڏهن ته قومي اسڪواڊ 25 جون تي لاهور کان ابوظهبي برمنگهم پهچندو جتي برمنگهم کان ڊربي پهچڻ تي قومي اسڪواڊ 10  ڏينهن آئسوليشن ۾ رهندو.

Read Previous

فردوس عاشق اعواڻ رشتو ڪرائيندڙ آنٽي لڳندي آهي: نمره خان

Read Next

ڀارت ۾ موذي وائرس کان ڇوٽڪاري لاءِ ڪورونا مندر تيار، پوجا شروع

Most Popular