آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ خواجا آصف جي ضمانت منظور

آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف جي ضمانت منظور ٿي وئي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاليا نيلم ۽ جسٽس شهباز رضوي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ خواجا آصف جي ضمانت جو فيصلو ٻڌايو.

خواجا آصف کي 29 ڊسمبر 2020 ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته هن ضمانت جي درخواست 27 مارچ 2021 تي داخل ڪئي هئي.

ن ليگ اڳواڻ جي ضمانت جي درخواست تي ٽن ڏينهن ۾ دليل مڪمل ٿيا هئا.

Read Previous

نيب سنڌ جي اهم شخصيتن خلاف گهيرو تنگ ڪري ورتو

Read Next

وزيراعظم ريپ متاثرن جي توهين ڪئي، کيس شرم اچڻ گهرجي: مريم نواز

Most Popular