وزيراعظم ريپ متاثرن جي توهين ڪئي، کيس شرم اچڻ گهرجي: مريم نواز

مريم نواز

ن ليگ نائب صدر مريم نواز وزيراعظم جي عورتن بابت بيان تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عمران خان جيڪا ڳالهه ڪئي، اها مجرماڻي سوچ جي عڪاسي آهي.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته وزيراعظم قوم کي ٻڌايو آهي ته ان جي دل ۽ دماغ ۾ ڪهڙي قسم جي سوچ آهي، جيڪو انسان زيادتي جهڙي ڪِريل ڏوهه تي ڏوهي کي چئي ٿو ته اهو ذميوار ناهي پر مظلوم ذميوار آهي ته پاڪستان کي ان قسم جي سوچ کان آزادي گهرجي.

هن چيو ته جيڪي ٻار ۽ ٻارڙيون زيادتي جو نشانو بڻجن ٿيون، ڇا ان ڪري ته انهن غلط ڪپڙا پاتا هئا؟ وزيراعظم کي اهڙي قسم جي ڳالهه ڪرڻ تي شرم اچڻ گهرجي، هن پنهنجي ننڍي سوچ جي عڪاسي ڪئي، جنهن تي ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايان ٿي.

Read Previous

آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ خواجا آصف جي ضمانت منظور

Read Next

ڪورونا وبا سبب وڌيڪ 39 ڄڻا فوت، 930 نوان ڪيس رپورٽ

Most Popular