نيب سنڌ جي اهم شخصيتن خلاف گهيرو تنگ ڪري ورتو

قومي احتساب بيورو (نيب) اهم سياسي شخصيتن خلاف ڪارروائين جي تياري ڪري ورتي.

نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن جي پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ هڪ ريفرنس، 16 انڪوائريز ۽ 2 انويسٽيگيشنز جي منظوري ڏني وئي.

ذريعن موجب نيب پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ نثار کهڙي، غلام مرتضيٰ جتوئي، خدا بخش راڄڙ خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي وزير بابر غوري جي مبينا فرنٽ مين ريحان منصور خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته عبدالڪريم سومري خلاف انڪوائري بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

Read Previous

لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ ڌماڪو، ٻه ڄڻا مارجي ويا، 17 زخمي

Read Next

آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ خواجا آصف جي ضمانت منظور

Most Popular