آزاد ڪشمير جو ايندڙ وزيراعظم پ پ جو جيالو هوندو: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ئي حڪومت ٺهندي ۽ ايندڙ وزيراعظم پ پ جو جيالو هوندو.

ڪوٽلي، آزاد ڪشمير ۾ چونڊ جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ اميدوارن تي مڪمل يقين آهي، اهي اسان سان گڏ بيٺل رهندا، عوام کي هن مهانگائي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي، موجوده حڪومت جي ڪشمير پاليسي ۽ رويي تي شروع کان تنقيد ڪئي آهي، ڪشمير جي ماضي جي وزيراعظمن ۽ عمران خان جي طريقي ۾ واضح فرق آهي.

هن چيو جيڪڏهن انهن جي طاقت حڪومت آهي ته اسان جي طاقت پ پ آهي، حڪومت ٺاهڻ لاءِ پنهنجي جماعت ۽ پنهنجي ماڻهن جي طاقت تي يقين رکون ٿا، پ پ جو بنياد ئي ڪشمير جي آزاد خاطر رکيو ويو، آزاد ڪشمير جو ايندڙ وزيراعظم جيالو هوندو، عوام آزاد ڪشمير ۾ پ پ جي حڪومت ئي ٺاهيندو.

Read Previous

سنڌ ۾ سڀاڻي کان مزارون کولڻ جو اعلان

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 23 فوتگيون، 901 نوان ڪيس

Most Popular