ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 23 فوتگيون، 901 نوان ڪيس

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 23 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 901 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جون 44 هزار 544 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن جي نتيجي ۾ 901 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 2.02 سيڪڙو رهي.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 23 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 22 هزار 211 ٿي ويو آهي.

ملڪ ۾ ڪورونا سان متاثر ٿيندڙن جو مجموعي انگ 9 لک 54 هزار 743 آهي، جن مان 9 لک 291 صحتياب ٿي چڪا آهن.

Read Previous

آزاد ڪشمير جو ايندڙ وزيراعظم پ پ جو جيالو هوندو: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

خوشخبري، نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم 18 ورهين کانپوءِ پاڪستان جي دوري لاءِ تيار

Most Popular