خوشخبري، نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم 18 ورهين کانپوءِ پاڪستان جي دوري لاءِ تيار

پاڪستاني ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ خوشخبري آهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم 18 ورهين کانپوءِ پاڪستان ۾ وائيٽ بال ڪرڪيٽ سيريز کيڏندي.

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊيوڊ وائيٽ هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستان جي دوري لاءِ پراميد آهيون، اسان جو ارادو آهي ته پاڪستان جو دورو ڪيون، پي سي بي سان گڏجي دوري جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته حڪومتي ايجنسين سان به رابطي ۾ آهيون، هن وقت تائين سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ۽ اسان کي سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان خاطري ڪرائي پئي وڃي.

سندس موجب اسان پاڪستان جي دوري جي حوالي سان پراعتماد آهيون، سيپٽمبر آڪٽوبر ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ کي وائيٽ بال ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻي آهي.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 23 فوتگيون، 901 نوان ڪيس

Read Next

روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ سيڙپڪاري ڏيڍ ارب ڊالرن کان وڌي وئي: وزيراعظم

Most Popular