روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ سيڙپڪاري ڏيڍ ارب ڊالرن کان وڌي وئي: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ سيڙپڪاري جي ماليت ڏيڍ ارب ڊالرن کان وڌي وئي آهي.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ طرفان سٺي خبر آئي آهي ته روشن ڊجيٽل پاڪستان اڪائونٽ اهم اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي.

سندس موجب ٻه ڏينهن اڳ (25 جون) تي روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ مجموعي سيڙپڪاري ڏيڍ ارب ڊالرن کان وڌي وئي آهي، ان مان نئين پاڪستان سرٽيفڪيٽ ۾ هڪ ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي، ٻه مهينا اڳ هڪ ارب ڊالر جي رڪارڊ کانپوءِ اهو ٻيو وڏو رڪارڊ آهي.

Read Previous

خوشخبري، نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم 18 ورهين کانپوءِ پاڪستان جي دوري لاءِ تيار

Read Next

فٽيف کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ٽيڪنيڪيل فورم آهي يا سياسي فورم؟ پرڏيهي وزير

Most Popular