حڪومت ڪورونا وائر جي ايس او پيز ۾ نرمي جو اعلان ڪري ڇڏيو، پهرين جولاءِ کان واپاري وقت 10 وڳي تائين هوندو. رڳو ويڪسينيٽڊ ماڻهن کي ريسٽورنٽس ۾ ماني کائڻ ۽ سينيما وڃڻ جي اجازت هوندي، تعليمي ادارن بابت فيصلو صوبائي حڪومتون ڪنديون.
وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ اندر جاري ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ اين پي آئيز جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ اين سي او سي طرفان پابندين ۾ نرمي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ طئي ڪيو يو ته اِها 31 آگسٽ تي لاڳو ٿيندي.
اجلاس ۾ واپاري مرڪزن جو وقت رات 10 وڳي تائين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پيٽرول پمپس، ميڊيڪل اسٽورز سميت ضرورت جي اهم ڪاروبار کي 24 ڪلاڪن کليل رهڻ جي اجازت هوندي.