سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو جيئي سنڌ محاذ قيادت تان پابنديون کڻڻ جو مطالبو

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جيئي سنڌ محاذ قيادت جا نالا فورٿ شيڊيول ۾ شامل ڪرڻ جي مذمت ڪندي اڳواڻن تان پابنديون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو سربراهي اجلاس ڄامشوري ۾ سيد جلال محمود شاھه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي، رياض چانڊيي، وسند ٿري، نور نبي راهوجي، اسلم خيرپوري، نواز خان زنئور ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ميگا پراجيڪٽن ذريعي سنڌ جي زمينن تي والار خلاف تحريڪ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ اڳواڻن چيو ته سنڌ جي زمين بچائڻ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

Read Previous

حمزا شهباز وري ايف آءِ اي طلب

Read Next

حڪومت ڪورونا وائرس سبب لڳل پابندين ۾ نرمي جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular