نواز شريف جي ڪشمير چونڊن جي حوالي سان شهباز شريف کي اهم هدايت

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ن ليگ صدر شهباز شريف کي هدايت ڪئي آهي ته ڪشمير جي چونڊن ۾ مريم نواز ن ليگ اميدوارن جي چونڊ مهم هلائي.

شهباز شريف ۽ نواز شريف ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ آزاد ڪشمير چونڊن جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي ۽ نواز شريف شهباز شريف کي چونڊن تي ڌيان رکڻ جي هدايت ڪئي.

پارٽي ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن چونڊ مهم جي ذميواري مريم نواز کي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ۽ نواز شريف هدايت ڪئي ته حڪومت خلاف اپوزيشن اتحاد کي به مضبوط ڪيو وڃي ۽ عوامي ميڙاڪن ۾ حڪومت جي ڪشمير پاليسي ۽ وڌندڙ مهانگائي کي هدف بڻائي تنقيد ڪئي وڃي.

Read Previous

حڪومت ڪورونا وائرس سبب لڳل پابندين ۾ نرمي جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

بدقسمتي سان اسان جي وڏن ملڪ سان انصاف نه ڪيو: وزيراعظم

Most Popular