حڪومت ڪورونا وائرس سبب لڳل پابندين ۾ نرمي جو اعلان ڪري ڇڏيو

حڪومت ڪورونا وائر  جي ايس او پيز ۾ نرمي جو اعلان ڪري ڇڏيو، پهرين جولاءِ کان واپاري وقت 10 وڳي تائين هوندو.  رڳو ويڪسينيٽڊ ماڻهن کي ريسٽورنٽس ۾ ماني کائڻ ۽ سينيما وڃڻ جي اجازت هوندي، تعليمي ادارن بابت فيصلو صوبائي حڪومتون ڪنديون.

 وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ اندر جاري ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ اين پي آئيز جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ اين سي او سي طرفان پابندين ۾ نرمي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ طئي ڪيو يو ته اِها 31 آگسٽ تي لاڳو ٿيندي.

اجلاس ۾ واپاري مرڪزن جو وقت رات 10 وڳي تائين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پيٽرول پمپس، ميڊيڪل اسٽورز سميت ضرورت جي اهم ڪاروبار کي 24 ڪلاڪن کليل رهڻ جي اجازت هوندي.

Read Previous

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو جيئي سنڌ محاذ قيادت تان پابنديون کڻڻ جو مطالبو

Read Next

نواز شريف جي ڪشمير چونڊن جي حوالي سان شهباز شريف کي اهم هدايت

Most Popular