ملڪ ۾ وري ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳي وئي

سنڌ هاءِ ڪورٽ مقبول لپ سنڪنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٽڪ ٽاڪ بند ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي ۽ درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ به اڳ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي هنئي هئي، ٽڪ ٽاڪ تي غير اخلاقي ۽ غير اسلامي مواد رکيو پيو وڃي، پي ٽي اي سان شڪايت ڪئي پر ڪو عمل نه ٿيو.

ٻڌڻي دوران عدالت سڄي ملڪ ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، گڏوگڏ عدالت اٽارني جنرل آف پاڪستان کي نوٽيس جاري ڪيا ۽ 8 جولاءِ تائين ڌرين کي جواب طلب ڪري ورتو.

واضح رهي ته ان کان اڳ پشاور هاءِ ڪورٽ به ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو حڪم ڏنو هو پر پوءِ اها پابندي ختم ڪئي وئي هئي.

Read Previous

بدقسمتي سان اسان جي وڏن ملڪ سان انصاف نه ڪيو: وزيراعظم

Read Next

حڪومت عيدالاضحيٰ جي حوالي سان نيون سختيون لاڳو ڪري ڇڏيون

Most Popular