بدقسمتي سان اسان جي وڏن ملڪ سان انصاف نه ڪيو: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بدقسمتي سان اسان جي وڏن ملڪ سان انصاف نه ڪيو.

ناران ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سياحت کي هٿي امن کانسواءِ ممڪن ناهي، ٻاهريان سياح پاڻ کي محفوظ سمجهندا ته پاڪستان ايندا، ان حوالي سان صوبائي حڪومتن کي قانونن جي تياري جي هدايت ڪئي آهي، سياحن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ مختلف رانديون متعارف ڪرائي رهيا آهيون، ملڪ ۾ مذهبي ۽ تاريخي سياحت جي گنجائش موجود آهي،

ان کان اڳ تقريب سان خطاب ڪندي هن چيو ته سياحت لاءِ ڪم ڪرڻ تي خيبر پختونخواهه حڪومت کي خراج پيش ڪيان ٿو، مان سڄي دنيا گهميو آهيان پر پاڪستان جهڙي خوبصورتي ڪٿي به ناهي، الله جي نعمتن جو شڪر انهن جي حفاظت ڪري ڪيو ويندو آهي، اسان کي اهڙو پاڪستان ڇڏي وڃڻو آهي، جنهن سان ايندڙ نسل اسان جا ٿورائتا هجن، بدقسمتي سان اسان جي وڏن پاڪستان سان انصاف نه ڪيو، اسان جي ٻيلن کي تباهه ڪيو، انهن اهو نه سوچيو ته اهڙو پاڪستان ڇڏي وڃن جيڪو انهن کي مليو.

Read Previous

نواز شريف جي ڪشمير چونڊن جي حوالي سان شهباز شريف کي اهم هدايت

Read Next

ملڪ ۾ وري ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳي وئي

Most Popular