حڪومت عيدالاضحيٰ جي حوالي سان نيون سختيون لاڳو ڪري ڇڏيون

صحت واري وزارت عيدالاضحيٰ جي حوالي سان نيون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.

صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي هدايتون مال پڙين، عيد نماز، قربان گاهن بابت آهن، جن جو مقصد عيد نماز ۽ قرباني لاءِ شهرين کي رهنمائي فراهم ڪرڻ آهي.

وزارت موجب ڪورونا وائرس جو نئون قسم تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ۽ اهو ڪورونا وائرس جي نئين لهر جو سبب بڻجي رهيو آهي، مال پڙين ۾ ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، سماجي وٿي يقيني بڻائي وڃي، شهري عيد جي ڏينهن دوران غير ضروري طور گهران نه نڪرن ڇو ته نئين لهر جو خدشو موجود آهي.

هدايتن موجب فيملي تقريبن ۽ عيد تي ڀاڪر پائڻ کان پاسو ڪيو وڃي، هجوم وارن هنڌن تي ۽ عيد نماز دوران وائرس پکڙجي سگهي ٿو، قرباني جي جانورن جي آن لائن خريداري کي ترجيح ڏني وڃي ۽ مال پڙين لاءِ کليل جاين جي چونڊ ڪئي وڃي.

Read Previous

ملڪ ۾ وري ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳي وئي

Read Next

قومي اسيمبلي ۾ فنانس بل 2021 اڪثريتي راءِ سان منظور

Most Popular