قومي اسيمبلي ۾ فنانس بل 2021 اڪثريتي راءِ سان منظور

قومي اسيمبلي فنانس بل 22-2021 اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اڳ ۾ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي سربراهي ۾ شروع ٿيو، جنهن کانپوءِ اسيمبلي اجلاس جي سربراهي اسد قيصر سنڀالي ورتي ۽ قاسم سوري ڳڻپ لاءِ ميمبرن ۾ شامل ٿي ويو.

ناڻي واري واري شوڪت ترين فنانس ترميمي بل 2021 ايوان ۾ پيش ڪيو، پوءِ قومي اسيمبلي فنانس بل 2021 اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو.

بجيٽ منظوري جي موقعي تي ن ليگ جا 84 مان رڳو 14 ميمبر حاضر ۽ 70 غير حاضر رهيا، جڏهن ته پ پ جي 56 مان 54 ميمبر ايوان ۾ موجود هئا.

Read Previous

حڪومت عيدالاضحيٰ جي حوالي سان نيون سختيون لاڳو ڪري ڇڏيون

Read Next

ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ لاهور ڌماڪي جي سهولتڪار آهي: فردوس عاشق اعواڻ

Most Popular